حـسيـن علي ’حـسيـن‘، مـرزا

حـسيـن علي ’حـسيـن‘، مـرزا

حسين علي حسين مرزا

حـسيـن علي ’حـسيـن‘، مـرزا: مـرزا حسيـن علي بيگ ’حسين‘ ولد مرزا غلام حيدر بيگ 1890ع ۾ ٽنڊي آغا، حيدرآباد جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدا ۾ قرآني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ نولراءِ هيرانند اڪيڊمي اسڪول ۾ پڙهيو، پر ترت حيدرآباد ۾ وبا ڦهلجڻ سبب تعليم پوري ڪري نه سگهيو ۽ درزڪو ڪم ڪرڻ لڳو. مرزا حسين علي شاعري به ڪئي. شاعريءَ ۾ پنهنجي والد، وڏي سوٽ مرزا قربان علي بيگ، سيد غلام محمد شاهه ’گدا‘ ۽ مولانا ابوالحسن لکنويءَ کان پنهنجي ڪلام جي اصلاح وٺندو هو. سندس ڪلام اردو ۽ سنڌي زبان ۾ آهي. سندس ڪلام ۾ مرثيا، نوحا، سلام، ڪافيون ۽ غزل شامل آهن. مرزا حسين علي 1915ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
ڪو ته تدبير ۾ قصور نه هو،
وصل قسمت ۾ پر حضور نه هو.
حال دل سمجهي ويو ’حسين علي‘،
ايترو يار بي شعور نه هو.
(ياد رفتگان: مخدوم طالب المولي!)


هن صفحي کي شيئر ڪريو